عبدالله شاهه بخاريءَ جو مقبرو

عبدالله شاهه بخاريءَ جو مقبرو

عبدالله شاهه بخاريءَ جو مقبرو

عبدالله شاهه بخاريءَ جو مقبرو: هيءُ مقبرو ديهه واهڙ تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري جي ڳوٺ واهڙ جي ڏکڻ ۾، سيوهڻ کان 17ڪلوميٽرن جي پنڌ تي "50 '30 °26 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 67° 43' 02" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي هڪ قبرستان ۾ موجود آهي. مقبرو هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي، جنهن کي ڏاڪڻيون ڏنل آهن. لنگهه اولهه ۾ اٿس، دروازي جا پانيل ڪاشيءَ سان سينگاريل آهن. هي مقبرو 6.7 x 8.50 ميٽرن جي ماپ جو آهي، جڏهن ته اوچائي 8 ميٽر آهي. سائي رنگ جو هٿ ڏنل اٿس. ڪاشيءَ جون نيريون سرون استعمال ڪيل آهن. مقبري ۾ اندر جوڙ ڪنڊون ڏنل آهن. گنبذ ونگدار پانيلن جي مٿان ٺهيل آهي. مهاڙي ۾ هر ڪنڊ تي هڪ برجي نيل سان ٺهيل آهي. گنبذ اڇي ماربل جي پٿر سان سينگاريل آهي. مقبري ۾ اندر ٻه قبرون آهن. هي مقبرو سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي سنڀال هيٺ هو. هاڻي سيد مراد شاهه جي سنڀال هيٺ آهي. مقبرو سٺي حالت ۾ آهي. اڏاوت جو نمونو ڪلهوڙن جي اڏاوت وارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو